اعجاز علي شاهه شيرازي

اعجاز علي شاهه شيرازي

اعجاز علي شاهه شيرازي

اعجاز علي شاهه شيرازي: ٺٽي ضلعي جو مشھور سياستدان سيد اعجاز علي شاهه شيرازي، جهوني سياستدان سيد قادر ڏني شاهه جو پٽ هو. 1952ع ڌاري ڳوٺ سيدپور، تعلقي ۽ ضلعي سجاول ۾ جنم ورتو. 1985ع جي غير جماعتي چونڊن ۾ پھريون ڀيرو پارلياماني سياست ۾ آيو. ان کان پوءِ 1988ع ۽ 1990ع ۾ پ پ جي ٽڪيٽ تي PS-69 تان، سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو. 1993ع ۽ 1996ع ۾ ساڳئي تڪ تان آزاد اميدوار طور ڪامياب ٿيو. 2001ع ۾ سنڌ جي وڏي وزير جو صلاحڪار پڻ رهيو. 2013ع ۾ PS-69 تان سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر منتخب ٿيو. سندس تعليم انٽرميڊئيٽ هئي ۽ پيشي جي لحاظ کان زميندار هو. ضلعي ٺٽي جي سياست ۾ سيد اعجاز علي شاهه شيرازيءَ جي خاص سڃاڻپ رهي. 10 ڊسمبر 2020ع تي ڪرونا سبب ٺٽي ۾ وفات ڪئي. کيس مڪليءَ ۾ درگاهه شاهه مراد شيرازيءَ جي احاطي ۾ دفن ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو